وفاقي بجيٽ عوام دشمن آهي، عيد کان اڳ قرباني ڏسي رهيو آهيان:منظور وساڻ

ڪراچي: پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته عيد کان اڳ قرباني ڏسي رهيو آهيان ۽ قرباني ننڍي هجي يا وڏي پر قرباني ٿيندي.

پ پ اڳواڻ منظور وساڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هي بجيٽ غريب لاءِ نه آهي پر امير لاءِ آهي. جهڙي طرح مقدس ايوان ۾ ٿيو ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. سياستدانن کي خراب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هي ڪنهن جي سازش ٿي سگهي ٿي.

منظور وساڻ چيو ته وفاقي بجيٽ عوامي بجيٽ نه آهي پر ان بجيٽ کي واپاري ۽ بلڊر مافيا دوست بجيٽ چئي سگهجي ٿو. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته عيد کان اڳ قرباني ڏسي رهيو آهيان ۽ قرباني ننڍي هجي يا وڏي پر قرباني ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔