نيتن ياهو جي ٻارنهن ساله ڊگهي اقتدار جوخاتمو، نفتالي بينٽ اسرائيلي وزيراعظم چونڊجي ويو

تل ابيب: آخرڪار بنيامين نيتن ياهو جي 12 ساله ڊگهي اقتدار جو خاتمو ٿي ويو آهي. اسرائيلي پارليامينٽ نئين اتحادي حڪومت جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.60 ميمبرن نفتالي بينٽ جي حق ۾ جڏهن ته 59 ان جي خلاف ووٽ ڏنا. ووٽنگ کان اڳ اسرائيلي پارليامينٽ نسيٽ جي اجلاس کي نيتن ياهو، بينيٽ ۽ لاپيد خطاب ڪيو. ياد رهي ته 3 جون تي اپوزيشن جي 8 پارٽين وچ ۾ نئين حڪومت جي جوڙجڪ جو معاهدو طئي ٿيو هو. ان معاهدي جي تحت يانر لاپيد ۽ ان جي اتحادي نفتالي بينٽ وزيراعظم جي عهدي تي 2-2 سالن جي مدي لاءِ مقرر رهندا.بينٽ پهريان 2 سال جڏهن ته لاپيد آخري 2 سالن جي لاءِ وزيراعظم جو عهدو سنڀاليندو. تاريخي معاهدي ۾ هڪ ننڍي اسلامي پارٽي دي يونائٽڊ عرب به شامل آهي. جيڪا نئين حڪومت جي جوڙجڪ جي حمايت ڪندڙ پهرين عرب پارٽي هوندي. پر هن معاهدي کي پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي ضرورت هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔