ايمن مون کي پسند ڪيو پر هاڻ مڃڻ لاءِ تيار ناهي: منيب جو انڪشاف

لاهور: اداڪار منيب بٽ چيو آهي ته مون کي ايمن شادي لاءِ پروپوز ڪيو هو پر هاڻ هو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. منيب بٽ هڪ ويب شو ۾ شرڪت ڪئي جتي انٽرويو جي دوران اداڪار انڪشاف ڪيو ته مون کي منهنجي گهر واري اداڪاره ايمن خان پسند ڪيو هو. منيب پنهنجي شادي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مان ننڍپڻ کان ئي فيصلو ڪري ورتو هو ته 24 يا 25 سالن جي عمر ۾ شادي ڪندس پر ان وقت مان پنهنجي رشتي جي هڪ مشڪل فيصلي مان گذري رهيو هئس ان وقت ايمن منهنجي ڪافي مدد ڪئي.اداڪار جو چوڻ هو ته ايمن مون کي پسند ڪيو پر هاڻ هو ان ڳالهه کي مڃي ئي نٿي. هر پروگرام ۾ وڃي چوي ٿي ته اهو هڪ مذاق هو. منيب اعتراف ڪيو ته ايمن جي پسند ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون ان کان پڇيو ته ان ڏينهن ڪيل شادي جي ڳالهه تي اوهان سنجيده هو.؟ جواب ۾ ايمن ڳالهه گهمائي ڦيرائي لکي جنهن تي مون چيو ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ته اسان ڳالهه اڳيان وڌائي سگهون ٿا.اداڪار چيو ته منهنجي ان ڳالهه تي ايمن ها ڪئي ۽ اتان کان ئي اسان جي رشتي جي شروعات ٿي. ٻئي طرف منيب بٽ اعتراف ڪيو ته مان گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ واري رشتي جي سخت خلاف آهيان. اداڪار ٻڌايو ته ايمن کي ڪڏهن ان رشتي کان متعارف نه ڪرايو مون کي اهو غلط لڳندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔