اٺٽيهه زالون ۽ اوڻانوي ٻار: دنيا جو سڀني کان وڏو خاندان رکندڙ زيونا چنا بيماري وگهي فوت

نئين دهلي: دنيا جو سڀني کان وڏو خاندان رکندڙ زيونا چنا 76 سالن جي عمر ۾ بيماري وگهي فوت ٿي ويو.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب 38 زالون، 89 ٻار، 33 پوٽا، پوٽيون ۽ ڏوهٽا ڏوهٽيون رکندڙ زيونا جو تعلق ڀارتي رياست ميزورم سان هو. 76 ساله زيونا چنا دنيا جي سڀني کان وڏي خاندان جو سربراهه هو.رپورٽن موجب زيونا 7 جون کان سخت بيمار هو جنهن سبب کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. زيونا چنا شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو به مريض هو.زيونا چنا جي فوت ٿيڻ واري خبر رياست جي وڏي وزير زور متهنگا ٽوئٽر تي ڏني ۽ ڏک جو به اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔