پرائيويسي بابت واٽس ايپ جي پهرين اشتهاري مهم جي شروعات

لنڊن: پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ پرائيويسي پاليسي ۾ هيٺ مٿانهين جي خبرن کان پوءِ برطانيه ۽ جرمني ۾ اڄ کان اشتهاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جنهن جو مقصد ماڻهن کي ان حوالي سان آگاهي ڏيڻ آهي.هي مهم في الحال هن ٻن ملڪن کان شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان کان پوءِ ان کي عالمي سطح تي به متعارف ڪرايو ويندو. مهم جي شروعات واٽس ايپ جي قائدن ۽ ضابطن جي لاءِ عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي ۽ سخت رد عمل جي نتيجي ۾ ڪيو ويو آهي.ڪمپني موجب اها مهم صارفين کي ان ڳالهه کي ياد ڏيارڻ لاءِ ڊيزائن ڪئي وئي آهي ته واٽس ايپ کي صارفين جي پرائيويسي جو خيال آهي.رپورٽ موجب واٽس ايپ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو استعمال ڪري رهيو آهي جنهن موجب ايپليڪيشن جا پيغام ٽئين پارٽي نه پڙهي سگهندي صرف پيغام موڪليندڙ ۽ وصول ڪندڙ ئي پڙهي سگهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔