سنڌ حڪومت ڪاروبار هڪ ڏينهن بند رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ 2 ڏينهن جو لاڪ ڊائون ختم ڪري صرف هڪ ڏينهن جي موڪل جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اين سي او سي جي فيصلي موجب سنڌ ۾ هفتي ۾ 2 ڏينهن جي بجاءِ هڪ ڏينهن ڪاروبار بند ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هاڻ آچر جي ڏينهن ڪاروبار بند هوندو ۽ باقي ٻين ڏينهن ۾ ڪاروباري سرگرميون جاري رهنديون.اجلاس ۾ ڪورونا جي گڏيل صورتحال ۽ ويڪسينيشن جي عمل بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته هينئر تائين 30 لک 35 هزار 998 ڪورونا ويڪسين جا ڊوز ملي چڪا آهن جن مان 24 لک 66 هزار 458 ڊوز استعمال ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔