نواز شريف جي ملڪيت نيلامي جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلامي جو احتساب عدالت وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. احتساب عدالت اسلام آباد توشه خانه ريفرنس ۾ اشتهاري جوابدار نواز شريف جي ملڪيت ضبطگي ۽ نيلامي جا حڪم جاري ڪيا هئا جنهن تي نواز شريف جا ملڪيتن جا ٽي دعويدار آڏو آيا ۽ هنن احتساب عدالت سان رابطو ڪيو پر ٽرائل ڪورٽ هنن جون درخواستون رد ڪيون. درخواستگذارن ميان اقبال برڪت، اسلم عزيز ۽ اشرف ملڪ احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اپر مال لاهور جو گهر، رائيونڊ جي هڪ سئو پنج ايڪڙ زمين جي ضبطگي کان روڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شيخوپوره جي 88 ڪنال ايراضي جي ضبطگي جو احتساب عدالت جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔