آصف زرداري 8 ارب رپين جي جعلي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ 29 جون تي ذاتي طور طلب

اسلام آباد: احتساب عدالت ڪوڙي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري کي 29 جون تي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي ڪوڙي بينڪ اڪائنوٽس جي 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن بابت نيب ريفنس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت آصف زرداري کي سمن جاري ڪندي پنجين نيب ريفرنس ۾ هن جي مبينا فرنٽ مين مشتاق احمد سميت ٻين جوابدارن کي طلب ڪري ورتو. احتساب عدالت جي جج اصغر علي عدالتي عملي کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي پيشي جا سمن موڪليو. نيب ريفرنس موجب ڪلفٽن ڪراچي ۾ موجود آصف زرداري جو گهر ڪرپشن جي پيسن سان اڏڻ جا ثبوت موجود آهن. ڪلفٽن ڪراچي جي گهر جي خريداري لاءِ آصف زرداري جي اسٽينو گرافر مشتاق احمد پنهنجي اڪائونٽ مان 15 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا آصف علي زرداري ڪلفٽن ڪراچي جي گهر جي پاڻ خريداري جو ڪو به ثبوت ناهي ڏئي سگهيو، آصف زرداري کي حاضري تي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪئي ويندي جنهن کان پوءِ فرد جرم جي تاريخ مقرر ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔