پاڪستان انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن جي گورننگ باڊي جو ميمبر چونڊجي ويو

اسلام آباد: پاڪستان چار ورهين لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن جي گورننگ باڊي جو ميمبر چونڊجي ويو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري موجب پاڪستان کي انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن (آءِ ايل او) جي گورننگ باڊي جو ميمبر چونڊيو ويو آهي. اڄ جنيوا ۾ آءِ ايل او جي 110هين اجلاس ۾ مجازي طور چونڊون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان سميت چار نون باقاعده ملڪن کي چار سال (2021 کان 2024) جي لاءِ آءِ ايل او جي ايشيا پيسفڪ گروپ ۾ شامل ڪيو ويو.
ان بابت پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري جو چوڻ هو ته انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن ۾ گورننگ باڊي پاليسي ۽ فيصلي سازي جي حيثيت رکي ٿي، هن جا 56 ميمبر ملڪ 28 حڪومتن، 14 ايمپلائرز ۽ 14 ڪارڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ماضي ۾ به آءِ ايل او جي ايگزيڪٽو آرم جو باقاعده ميمبر رهي چڪو آهي ۽ 1947ع ۾ انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن جو ميمبر بڻيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔