ايمان علي خليل الرحمان قمر جي لکيل فلمن ۾ ڪم ڇو نٿي ڪرڻ چاهي؟

لاهور: پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره ايمان علي مشهور مصنف ۽ ليکڪ خليل الرحمان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ايمان علي تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان دوران هن پنهنجي فلمي ڪيريئر بابت به ڳالهيون ڪيون. ايمان علي موجب هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيل فلمون دوستي ۾ ڪيون پر فلم(خدا ڪي لئي) اسڪرپٽ ۽ ڪردار ٻنهي حوالي سان منهنجي پسنديده آهي. ميزبان ايمان علي جي وضاحت تي ان کان سوال ڪيو ته مون کي ڪجهه اهڙين فلمن جي باري ۾ به خبر آهي جنهن ۾ ايمان ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ان جي پٺيان اسڪرپٽ هئي يا هدايتڪار؟ سوال جي جواب ۾ ايمان جو چوڻ هو ته رد ڪيل فلمن ۾ ڪجهه اهڙيون فلمون به شامل ٿي سگهن ٿيون جن جا هدايتڪار دوست هجن پر ان جا ليکڪ بالڪل به دوست نه هجن.شو دوران ايمان علي انڪشاف ڪيو ته هو ماضي ۾ خليل الرحمان جي لکيل فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪي آهي. انڪار جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته فلم ۾ خليل صاحب هيروئن جي ڪردار سان دغا ڪيو. فلم جي ليکڪ کي پنجابي ۽ پنجاب جي خبر هئي پر هن ان جي ابتڙ لکيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔