سعودي عرب ۾ عورتن کي اڪيلي ۽ آزاد زندگي گذارڻ جي اجازت

رياض: سعودي عرب ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي والد،ڀاءَ يا وري مڙس کان بغير اڪيلي ۽ آزاد زندگي گذارڻ جي اجازت ملي وئي.سعودي عرب ۾ ٿيندڙ نئين قانونسازي ۾ عورتن کي لازمي طور تي پنهنجي ڪنهن به مرد سان گڏ رهڻ واري قانون آرٽيڪل 169 کي ختم ڪندي ملڪ ۾ عورت جي والد ڀاءَ يا وري مڙس سان گڏ رهڻ بجاءِ اڪيلي رهڻ جو حق حاصل هوندو.نئين قانون موجب سعودي ۾ عورتن کي هاڻي طلاق يا ڪنهن به ڏوهه جي سزا مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪنهن به پنهنجي مرد جي حوالي ڪرڻ بجاءِ کيس اڪيلي رهڻ جي اجازت هوندي.قانون موجب عورت پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندي ۽ انهي فيصلي موجب والد ڀاءَ يا وري مڙس کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔