والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي دهشتگردي جو سلسلو جاري، وڌيڪ ٽي نوجوان شهيد

سرينگر: والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جي ڪارروائين دوران ضلعي سوپور ۾ فائرنگ ڪري وڌيڪ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.قابض فوج نامعلوم ماڻهن جي حملي ۾ مارجي ويل پوليس اهلڪارن جي موت جو بدلو وٺڻ جي لاءِ انتقامي ڪارروائي ڪندي مختلف علائقن ۾ فائرنگ شروع ڏني جنهن سبب 3 نوجوان شهيد ٿي ويا. ڀارتي فوج جي دهشتگردي جي خلاف وادي ۾ سخت احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.مظاهرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي. جڏهن ته موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس کي به معطل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔