احساس پروگرام تحت 12 بدران 13 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پاران احساس پروگرام تحت 12 بدران 13 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، احساس پروگرام ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ خاندان شامل ڪيا ويندا، وفاقي وزير شوڪت ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احساس پروگرام جي چيئرپرسن ثانيا نشتر چيو تھ معذور ماڻهن کي به احساس پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو، احساس ڪفالت سينٽرز تي ماڻهن جي رش وڌي وڃي ٿي، ھن چيو تھ پيپرا رولز تحت ٻن بئنڪس سان پارٽنرشپ ڪري ڇڏي آھي، هاڻي ماڻهو پنهنجو بئنڪ اڪائونٽ کولرائي سگهندا، خصوصي ماڻهن ۾ 20 لک خاندان شامل ڪيا ويندا، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري شاگردن کي وطيفو ملندو، ميرٽ تي 65 هزار اسڪالرشپ ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔