ڪراچي: عدالت جو مقتولا ڪانتا ڪماري جي قبر ڪشائي جو حڪم

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي لياري ۾ ناري ڪانتا ڪماري کي قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏيڻ واري ڪيس جي مقامي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ عدالت جوابدار آنند کي سومر تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران عدالت مقتولا جي قبر ڪشائي جو حڪم ڏيندي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي، مقتولا ناري جي والده عدالت ٻاهران جوابدار کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو ته منهنجي نياڻي کي قتل ڪيو ويو مون کي انصاف کپي، منهنجي نياڻي گذريل سال پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کي ماريو ويو آهي، فريادي ڌر جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ مقتولا جو مڙس گرفتار آهي، ناري جو مڙهه بغير پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو هو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس بغدادي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔