ڪرائيدار جي غير موجودگي ۾ سندس سامان چوري ڪندڙ گهر مالڪ کي سزا

ڪراچي: ڪرائيدار جي غير موجودگي ۾ سندس گهر جا تالا ٽوڙي سامان چوري ڪندڙ گهر مالڪ ۽ کيس تحفظ فراهم ڪندڙ پوليس اهلڪار کي عدالت سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت مالڪ مڪان ڪاشف علي ۽ سب انسپيڪٽر سيد ابرار کي ٽي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي، عدالت مالڪ مڪان تي 45 هزار ۽ پوليس آفيسر تي 40 هزار ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي. عدالت جوابدانر جي ضمانت رد ڪري کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. فريادي محسن علي عباسي جوابدارن خلاف سڌي شڪايت درج ڪرائي هئي، درخواست ڏيندڙ آڪٽوبر 2019 ۾ پنهنجي فليٽ کي تالا هڻي لاڙڪاڻي هليو ويو هو، سندس موجب جڏهن واپس آيس ته گهر جا تالا مٽيل هئا. مالڪ مڪان گهر جو تالا ٽوڙي ڇڏيو ۽ قيمتي سامان ۽ ٻيو سامان پاڻ سان گڏ کڻي ويو ، جڏهن ته سب انسپيڪٽر سيد ابرار ملزم کي غيرقانوني تحفظ فراهم ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔