پيپلز پارٽي پاران بجيٽ اجلاس ۾ سخت مخالفت جو فيصلو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ميمبرن جي مشاورت سان بجيٽ سيشن لاءِ پيپلزپارٽي جي حڪمت عملي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان عوامي نه پر غريب دشمن سياسي ۽ سليڪٽيڊ بجيٽ ٺاهي آهي، پيپلزپارٽي پاران سخت مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو وڃي. پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪورم نه هجڻ باوجود جبري قانون سازي کي آمريت قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔