مخالف ڌر جي گوڙ ۾ قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ جي تقرير جاري

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 2021-22 جي وفاقي بجيٽ وفاقي وزير شوڪت ترين پاران پيش ڪئي پئي وڃي. شوڪت ترين جي تقرير شروع ٿيندي ئي اپوزيشن پاران شديد گوڙ ۽ نعريبازي ڪئي وئي. وفاقي وزير بجيٽ تقرير ۾ شروعات ۾ حڪومت کي ورثي ۾ مليل مالي مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن نه گذريل حڪومتي دورن ۾ معيشت کي غير مستحڪم ڪيو ويو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌايو ويو ۽ رپئي جي قدر کي مصنوعي طور تي بحال رکيو ويو. وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال زراعت ۽ صنعتي شعبي ۾ غير معمولي ڪارڪردگي رهي، هن سال آبادگارن کي 3 هزار 100 ارب جي آمدني ٿي، گذريل سال 2 هزار ارب هئي. هلندڙ سال في ڪس آمدني ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ٽيڪس وصولين ۾ شاندار اضافو ٿيو ۽ 18 سيڪڙو واڌ ٿي، بهتري جو سبب معيشت ۾ بهترين ڪارڪردگي هو، جڏهن ته ٽيڪس وصولين ۾ 4 هزار ارب رپين جي نفسياتي حد پار ڪئي. ايڪسپورٽ ۾ هن سال 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب رپين مان سرپلس ٿي ويو آهي. رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيو، ڊالر جي ڀيٽ ۾ 155 ٿي ويو آهي…….. جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔