وفاقي بجيٽ 2021-22 جا اهم نقطا ڪهڙا آهن؟

اسلام آباد: ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي بجيٽ جو حجم 8 هزار 487 ارب رپيا آهي. بجيٽ دستاويزن موجب بجيٽ خسارو 3،990 ارب رپيا تجويز ڪيل آهي، نان ٽيڪس وصولين جو هدف 2080 ارب رپيا آهي، ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس روينيو جو هدف 7909 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، اين ايف سي تحت صوبن کي 3412 ارب رپيا ڏيڻ جي تجويز آهي، نان بينڪنگ شعبي کان 1241 ارب رپيا قرض وٺڻ جي تجويز آهي، غير ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 7523 ارب رپيا لڳائڻ جي تجويز آهي. وياج جي ادائگي تي 3،060 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جي تجويز آهي، پينشن تي 480 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي جو هدف 5829 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، دفاعي بجيٽ لاءِ 1370 ارب مختص ڪرڻ جي تجويز ، ترقياتي ۽ غير ترقياتي گرانٽس لاءِ 1168 ارب رپيا، سبسڊي جي لاءِ 682 ارب رپيا، سول حڪومت خرچ لاءِ 479 ارب رپيا، ڪورونا جي روڪٿام لاءِ 100 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔