وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ، ترقياتي پروگرام ۽ ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا بجيٽ 2021_2022 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ به 10 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا موبائيل فون تي ٽيڪس لڳائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

وفاقي ڪابينا جي باضابطا منظوري کانپوءِ هاڻي بجيٽ کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔