ڀارت ۾ ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي، هڪ ڏينهن دوران ڇهه هزار هڪ سئو اٺيتاليهه فوتگيون

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا وائرس تباهي مچائي ڇڏي آهي. هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ 6148 فوتگيون سامهون اچي ويون.ڀارتي ميڊيا موجب ڪورونا وائرس جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڪارڊ 6148 فوتگيون سامهون آيون آهن. اهي فوتگيون ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون آهن. ان کان اڳ آمريڪا ۾ 12 فيبروري تي ڪورونا وگهي 5.444 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. ڀارت ۾ ايتري وڏي انگ ۾ فوتگيون عدالتي حڪم تي بهار رياست طرفان ڏنل صحيح انگن اکرن کان پوءِ سامهون آيون آهن. بهار جي انتظاميه کي عدالت ڪورونا فوتگين بابت صحيح انگ اکر ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن کان پوءِ انتظاميه ان فوتگين کي به شامل ڪيو جيڪي گهرن يا خانگي اسپتالن ۾ ٿيون هيون.صحيح انگ اکر سامهون اچڻ کان پوءِ ڀارت ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 3 لک 59 هزار 678 تائين پهچي ويو آهي. ڀارتي رياست بهار طرفان ڪورونا فوتگيون لڪائڻ جو انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڀارت ۾ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ حڪومتي انگن اکرن کان به وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔