ٿري ايڊيٽس ۾ ڪرينه کان اڳ ڪهڙي مشهور اداڪاره کان آڊيشن ورتو ويو هو؟

ممبئي: راج ڪمار بيراني جي هدايت ۾ ٺهندڙ بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم 3 ايڊيٽس ۾ ڪرينه ڪپور جي جڳهه پهريان انوشڪا شرما جو آڊيشن وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.باڪس آفيس ۾ ڪيترائي رڪارڊ ٺاهيندڙ فلم 3 ايڊيٽس مشهوري جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا آهن. عامر خان، آرمدهاون، شرمن جوشي، ڪرينه ڪپور ۽ بومن ايراني جهڙي باصلاحيت اداڪارن سان تيار ٿيندڙ اها فلم اڄ به ڪنهن سپرهٽ فلم کان گهٽ نه آهي.ڀارتي ميڊيا ان حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته فلم ۾ پيا جو ڪردار ادا ڪندڙ ڪرينه ڪپور جي جڳهه پهريان انوشڪا شرما جو آڊيشن ورتو ويو هو پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي هئي. ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فلم 3 ايڊيٽس جي لاءِ انوشڪا شرما جي آڊيشن ۾ ان کان منا بهائي ايم بي بي ايس جو ڊائيلاگ ڳالهرايو ويو هو.واضح رهي ته 2009 ۾ رليز ٿيندڙ سپر هٽ فلم 3 ايڊيٽس ۾ ناڪامي کان پوءِ انوشڪا شرما 2014 جي فلم پي ڪي ۾ عامر خان جي مقابلي ۾ ڪم ڪيو جنهن جي هدايتڪاري راج ڪمار بيراني طرفان ئي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔