ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي منظوري

اسلام آباد: اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اي سي سي ويڪسين جي خريداري لاءِ پهرين مرحلي ۾ 18 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري ڏئي ڇڏي.سموري ملڪ ۾ 70 لک ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جي لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي ويڪسين خريداري جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته 18 ڪروڙ ڊالرن جي رقم اين ڊي ايم اي کي ويڪسين جي خريداري لاءِ ڏني ويندي. ذريعن موجب هڪ ارب ڊالر جي ڪين سائنو، سائنو فارم، سائنو ويڪ ۽ فائزر ويڪسين خريد ڪئي ويندي.اجلاس ۾ گهٽ ترقي يافته علائقن جي شاگردن جي فيس ادائگي جي لاءِ گرانٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ احساس ڪوبه بکيو نه سمهي فنڊ جي قيام جي به منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔