سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز

ڪراچي : سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 15 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام جي مد ۾ 180 ارب رپيا ۽ ڪراچي جي جاري اسڪيمن ۽ ٻين منصوبن لاءِ 23 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکڻ جي تجويز به پيش ڪئي ويندي.
سنڌ حڪومت طرفان بجيٽ ۾ لياري لاءِ خاص پيڪيج جي اعلان جو امڪان آهي، جڏهن ته مجموعي ترقياتي بجيٽ جو 57 سيڪڙو صحت، تعليم، سوشل پروٽيڪشن لاءِ رکڻ تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي لاءِ 10 نيون ميگا اسڪيمون شامل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔