ڀارت ۾ بس ۽ وين ۾ ٽڪر، مزدورن سميت 17 ڄڻا فوت

نئين دهلي : ڀارت جي اترين حصي ۾ مسافر بس ۽ وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ مزدورن جو انگ وڌيڪ هو، جيڪي هڪ بسڪٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ واپس پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا.
اتر پرديش رياست جي تخت گاهه لکنئو کان 80 ڪلو ميٽر پري ڪانپور شهر ڀرسان اهو حادثو اڱاري جي رات پيش آيو، جنهن ۾ 18 ڄڻا زخمي به ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔