آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي لڳندو آ ته ڄڻ ”کدڙو“ بيٺو آهي: ايمان علي

ڪراچي: ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا ايمان علي چيو آهي ته ماڻهو مون کي ڏاڍو پسند ڪندا آهن ۽ خوبصورت چوندا آهن پر مان جڏهن آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي آهيان ته لڳندو آهي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.
هڪ نجي ٽي وي چئنل پروگرام ۾ ميزبان جي سوالن جي جواب ڏيندي ايمان علي چيو ته شادي شده زندگي مان لطف اندوز ٿي رهي آهي، مڙس سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ۽ ان سان گڏ وقت گذارڻ سٺو لڳندو آهي، توڙي جو شادي کان اڳ مون کي گهمڻ ڦرڻ پسند نه هو، لڳندو هو ته ماڻهو جيترا خراب هوندا آهن، انهن جي سوچ ان کان به وڌيڪ خراب هوندي آهي.
هن چيو ته مان گهڻا ڀيرا چئي چڪي آهيان ته پاڻ کي ۽ پنهنجي شڪل کي پسند ناهيان ڪندي، جيتوڻيڪ ماڻهو مون کي ڏاڍو پسند ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته توهان خوبصورت آهيو پر پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي لڳندو آهي ته اهي ڪوڙ ٿا ڳالهائن، رڳو اهو ئي نه پر جڏهن موبائل ۾ مختلف طريقن سان سيلفيون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ته لڳندو آ ڄڻ ڪو کدڙو بيٺو آهي.
سندس چوڻ هو اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن کي منهنجون تصويرون نظر ناهن اينديون ۽ نه سوشل ميڊيا تي گهڻي سرگرم آهيان، ڇو ته جڏهن مون کي تصويرون ناهن ڪڍڻيون ته سوشل ميڊيا تي ڇا ڪيان؟ پر مان موبائل جو گهڻو استعمال ضرور ڪندي آهيان ۽ گيمون کيڏندي آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔