اڻ پڙهيل نوجوان يوٽيوب ذريعي لکين رپيا ڪمائڻ لڳو

لاهور: اڻ پڙهيل نوجوان يوٽيوب ذريعي لکين رپيا ڪمائڻ لڳو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پنجاب جو رهواسي اساما غربت سبب تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، چوڪ اعظم جو رهواسي نوجوان بجلي جا رانديڪا ٺاهڻ جو ماهر آهي،اساما پنهنجي ان مهارت کي روزگار جو وسيلو بڻائڻ لاءِ پنهنجو يوٽيوب چينل ٺاهيو آهي ، نوجوان انهن رانديڪن جون وڊيوز ٺاهي پنهنجي چينل تي رکي ٿو، جنهن بعد کيس نوجوانن پاران نه رڳو ڀرپور موٽ ملي رهي آهي پر انهن جي خريداري پڻ ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته اساما جا اهي رانديڪا هن وقت سموري دنيا ۾ مڃتا حاصل ڪري چڪا آهن. ان حوالي سان نوجوان اساما جو چوڻ آهي ته هر مهيني انهن رانديڪن مان لکين رپيا آمدني ٿي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔