ڏکڻ آفريقا ۾ عورت هڪ ئي وقت ڏهن ٻارن کي جنم ڏئي ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون: ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ عورت هڪ ئي وقت 10 ٻار پيدا ڪري مالي جي عورت جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ۽ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڏکڻ آفريقا جي 37 ساله گوسيامي تهامارا کي حمل دوران ئي ڊاڪٽر ٻڌائي ڇڏيو هو ته ان وٽ گهڻا ٻار پيدا ٿيڻ وارا آهن پر اندازو نه هو ته عالمي رڪارڊ بڻجي ويندو. ليڊي ڊاڪٽر حمل جي دوران الٽرا سائونڊ ڪري عورت کي ٻڌايو هو ته 9 ٻار پلجي رهيا آهن پر ويم واري ڏينهن عورت 10 ٻارن کي جنم ڏنو جن مان 7 ڇوڪرا ۽ 3 ڇوڪريون شامل آهن.10 ٻارن جي پيدائش لاءِ عورت کي ڪنهن به قسم جي سرجري جي ضرورت نه پئي. نارمل ڊليوري کان پوءِ عورت ۽ ٻارڙا خيريت سان آهن. گوسيامي اڳ ئي جاڙن ٻارن جي ماءُ آهي. اهڙي طرح هاڻ ان جي ٻارن جو گڏيل انگ 12 ٿي ويو آهي.واضح رهي ته مالي ۾ گذريل مهيني هڪ عورت 9 ٻارن کي جنم ڏنو هو. جڏهن ته 2012 ۾ ڀارتي عورت 11 ٻارن کي جنم ڏنو هو. پر ٻارن جي اها پيدائش آئي وي ايف جي ذريعي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔