نئين مالي سال جي بجيٽ 5 کرب 70 ارب رپيا رکي آھي: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي شوڪت ترين چيو آهي ته هن سال فيبروري ۾ ڪورونا وبا وري مٿي اچي وئي هئي پر هاڻي الله جو شڪر آهي ته ڪورونا ڪنٽرول ۾ آهي، ڪورونا جي ڪري معيشت کي مشڪلاتون آهن، پر معيشت ريڪوري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، گذريل سال حڪومت پاڻ چيو ته اسان جي گروٿ 2.1 هوندي، اسلام آباد ۾ پري بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مالي سال 2020-21 جِي سروي رپورٽ پيش ڪئي، شوڪت ترين چيو آهي ته ڪورونا صورتحال ۾ به حڪومتي پاليسيز سبب معيشت بهتر ٿي آهي، ڪورونا ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿيا، نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ پيداواري شرح کي 5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻينداسين، هن چيوآهي ته حڪومت مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، نئين بجيٽ ۾ غريب عوام کي پهرين ترجيح ڏني ويندي، ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا 26 ارب ڊالرز کان وڌي ويا، هاڻ ذخيرا 29 ارب ڊالرز کان به وڌڻ جي اُميد آهي، هن چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ 5 کرب 70 ارب رپيا رکي آهي، هن وقت ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نه پر سرپلس ۾ هلي رهيو آهي، چانورن ۽ ڪمند جي پيدوار ۾ به رڪارڊ واڌ ٿي آهي، شوڪت ترين جو چوڻ هو ته سمند پار پاڪستانين طرفان پيسا اماڻڻ هن ڳالهه کي ثابت ڪري ٿو ته هنن جو عمران خان سان واسطو آهي، ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ پئسو 29 سيڪڙو گروٿ ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔