پي ايس ايل 6 ۾ اڄ ٻه ميچون کيڏيون وينديون

ابوظهبي: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 جي ٻئين مرحلي ۾ اڄ 2 ميچ کيڏيا ويندا. پي ايس ايل سيزن 6 ۾ اڄ جو پهريون ميچ شام 6 وڳي شروع ٿيندو جيڪو ملتان سلطان ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ کيڏيو ويندو.

ملتان سلطان جي ٽيم پوائنٽس ٽيل تي 5 نمبر تي موجود آهي. جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جي ٽيم جو پهريون نمبر آهي. پي ايس ايل جو اڄ جو ٻيون ميچ رات 11 وڳي شروع ٿيندو ۽ اهو ميچ لاهور قلندر ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ کيڏيو ويندو. پشاور زلمي جي ٽيم 6 پوائنٽن سان هن وقت ٻئي نمبر تي موجود آهي.

گذريل ڏينهن پاڪستان سپر ليگ_پي ايس ايل) 6 جي 15هين ميچ ۾ لاهور قلندر دلچسپ مقابلي کان پوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي. ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندر اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان ڏنل 144 رنسن جو حدف آخري اوور ۾ حاصل ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔