شوڪت عزيز صديقي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو، پنهنجي عهدي کي نه سمجهيو: جسٽس عمر عطا بنديال

اسلام آباد؛ سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي وڪيل حامد خان چيو ته انڪوائري کانسواءِ ريفرنس جو فيصلو نه پئي ٿي سگهيو، اهو صرف هڪ تقرير جو معاملو نه هو ، پهرين ٻڌڻي تي ئي مون کليل انڪوائري جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇا ڪائونسل اوپن انڪوائري ڪري سگهي ٿي؟ حامد چيو ته ڪارروائي کان پهريان ، مون کي اوپن انڪوائري جو يقين ڏياريو ويو هو ، پهريان به ڪيس ۾ اوپن انڪوائري ٿي، آئون پيش ٿيس، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪائونسل تسليم ٿيل حقيقتن جي بنياد تي کليل جاچ کي مناسب ناهي سمجهيو، حامد خان چيو ته آئين ۾ انڪوائري جو لفظ شامل آهي ته ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جج وٽ ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان سواءِ ٻيو ڪو فورم ناهي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته شوڪت صديقي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي کي نه سمجهيو، وڪيل حامد خان چيو ته هن آءِ ايس آءِ جي آفيسرن جي وچ ۾ رابطن بابت جاچ جي لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط پڻ لکيو ، جسٽس عمر عطا چيو ته توهان پهرين تقرير ڪئي، خط بعد ۾ لکيو. جسٽس عمر عطا بنديال، شوڪت عزيز صديقي جي پشيمان ٿيڻ لاءِ شعر پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کانئس وسري ويو، جنهن تي اڳوڻو جسٽس شوڪت عزيز صديقي اٿي بيٺو ۽ مرزا غالب جو هي شعر پڙهيو،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔