پاڪستاني خاندان جي مٿان ٽرڪ ھيٺيان چيڀاٽي مارڻ واري دھشتگرد جون تصويرون ۽ تفصيل جاري

برطانوي ميڊيا ڪينيڊا ۾ پاڪستاني خاندان کي ٽرڪ ھيٺيان چيڀاٽي مارڻ واري دھشتگرد 20 سالن جي ملزم جي تصوير ۽ تفصيل جاري ڪري ڇڏيا برطانوي ميڊيا موجب 20 سالن جي Nathaniel Veltman ارونٽاريو ۾ ھڪ فارم جو ملازم ھو ۽ 6 مھينا اڳ اونٽاريو جي شھر لنڊن منتقل ٿيو ھو. رپورٽ موجب ھن ڪجھھ ڏينھن اڳ پنھنجو سوشل اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو ھو ۽ ڪجھھ مھينا پھريان ئي ٻيھر اڪائونٽ ٺاھيو ھو. ملزم نتھينيل تي قتل جا چار ۽ اقدام قتم جو ھڪ الزام لڳايو ويو آھي. خيال رھي تھ ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا جو شڪار دھشتگرد پاڪستاني خاني جي 4 فردن کي ٽرڪ ھيٺيان چيڀاٽي ڇڏيو ھو. واقعو ڪينڊيا جي شھر لنڊن اونٽاريو ۾ پيش آيو جتي مارجي ويل ماڻھن ۾ ھڪ مرد، 2 عورتون ۽ ھڪ ٻارڙي شامل آھي جڏھن تھ واقعي ۾ ھڪ ننڍڙي عمر جو ٻار زخمي ٿيو. مارجي ويلن ۾ وڏي عمر جي مان، فزيو ٿراپسٽ، پٽ سلمان، ننھن ۽ ننڍڙي پوٽي مارجي وئي ھئي جڏھن تھ 9 سالن جو پوٽو شديد زخمي ٿيو. لاھور سان تعلق رکندڙ خاندان کي ٽرڪ ھيٺيان چيڀاٽي مارڻ واري دھشتگرد مذھبي تعصب ۾ مبتلا ھو جنھن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي. مقامي ميڊيا موجب حملي آور مقامي ڪينڊين شھري آھي جنھن جي وڊيو لنڪ جي ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي انھيءَ تي قتل جا 4 ۽ اقدام قتل جو ھڪ الزام لڳايو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔