پاڻي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت پاران سڀاڻي ”يوم دعا“ ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران پاڻي جي بحران واري صورتحال ۾ يوم دعا ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي سمورين عبادتگاهن ۽ مزارن تي دعائيه تقريبون منعقد ڪيون وينديون ۽ پاڻي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون. سنڌ حڪومت پاران سڀاڻي پاڻي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ عالمن ۽ عوام کي دعائن جي اپيل ڪئي آهي. صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ملڪ جو عوام مايوس ٿي چڪو آهي، رياست وقت جي يزيدن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي سنڌ کي پاڻي جي هڪ هڪ بوند لاءِ تڙپائي رهيا آهن. هن چيو ته سڀاڪراچي کان ڪشمور تائين عوام ڌڻي در مصيبتن جي خاتمي لاءِ دعائون ڪري. هن چيو ته دعائيه تقريبون ايس او پيز تحت منعقد ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔