نوجوان گلوڪار ۽ موسيقار فرهاد همايون لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور : نوجوان گلوڪار، موسيقار ۽ مشهور آئيڪونڪ براڊ اوور لوڊ جو باني فرهاد همايون لاڏاڻو ڪري ويو.
فرهاد همايون جي لاڏاڻي جي افسوسناڪ خبر سندس آفيشل فيس بُڪ پيج ذريعي ڏني وئي ته هو اڄ صبح لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
پوسٽ ۾ گلوڪار جي موت جو ڪارڻ نه ٻڌايو ويو پر گهر ڀاتين تصديق ڪئي آهي ته هو دماغ جي ڪينسر ۾ مبتلا هو.
واضح رهي ته 2018 ۾ فرهاد همايون انڪشاف ڪيو هو ته هو برين ٽيومر جي مرض ۾ وٺجي ويو آهي ۽ بهترين سرجن ان جو آپريشن ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔