پاڪ – انگلينڊ سيريز پاڪستان ۾ نشر نه ٿيندي

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته قومي ٽيم ۽ انگلينڊ وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز کي پاڪستان ۾ نشر نه ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سرڪاري ٽي وي اسٽار ۽ ايشيا کان ڪرڪيٽ جو ڪانٽريڪٽ گهريو آهي، سرڪاري ٽي وي جي ڀارتي ڪمپني سان معاهدي جي درخواست منظور نه ڪئي وئي آهي، اسان ڪنهن به ڀارتي ڪمپني سان معاهدو نٿا ڪري سگهون، ڀارت سان لاڳاپا 5 آگسٽ جي فيصلي جي واپسي سان مشروط آهن.
هن چيو ته ڏکڻ ايشيا جا سمورا رائٽس ڀارتي ڪمپنين وٽ آهن، تنهن ڪري پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ سيريز نشر نه ڪئي ويندي پر ڪوشش ڪنداسين ته انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏ ڪو وچون رستو ڪڍون، ڇو ته پي سي بي ۽ سرڪاري ٽي وي تي ڪرڪيٽ نشريات نه هجڻ سان يقينن نقصان ٿيندو.
واضح رهي ته قومي ٽيم ايندڙ مهيني انگلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔