ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، ايم ڪيو ايم جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي: ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪري ورتو، سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته سولجر بازار ۾ ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر شمشاد خان کي گرفتار ڪيو ويو جيڪو اڳوڻو سيڪٽر انچارج آهي، سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جوابدار ايم ڪيو ايم حقيقي جي ڪارڪنن سوڌو 9 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث آهي، متحده جو ٽارگيٽ ڪلر 1992 جو آپريشن شروع ٿيندي ئي انڊرا فرار ٿي ويو هو، روپوشي جي دوران هن جو قيادت جي معانت سان ڀارتي ايجنسي را سان رابطو ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔