هالا: ڪفالت سينٽر تان ڪٽوتيون ڪندڙ 8 ايجنٽ گرفتار

هالا: مختيار ڪار آفيس هالا ۾ قائم ڪفالت سينٽر تي غيرقانوني طور غريب ماڻهن جي لاءِ آيل 12 هزار روپين مان هزارکان ٻه هزار روپيه ڪٽوتي ڪندڙ ايجٽن خلاف پوليس ڪاروائي ڪندي 8 ايجنٽن کي پڪڙي هالا ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو. هالا پوليس پڪڙيل ايجنٽن کان 10 عدد موبائل سيٽ، هزارين روپيا ڪيش رقم، ٻه عدد ڊوائيز سيٽ، ۽ ٻيو سامان پنهنجي تحويل ۾ وٺندي، پڪڙيل جوابدارنهر هڪ حاڪم علي ڀچو، محمد ابراهيم راجپوت، راجا ڏاهري، عبدالرحيم انڙ، سونو راجپوت، سمير ميمڻ، الهه ورايو ميمڻ، محمد اويس جمالي تي ڪيس داخل ڪندي کين چالان ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔