هڪ ڪنوار سان شادي ڪرڻ لاءِ 2 گهوٽ ڄاڃي وٺي آيا، ڇڪتاڻ

نئين دهلي : هڪ ڪنوار سان شادي ڪرڻ لاءِ 2 گهوٽ ڄاڃي وٺي آيا، ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست اترپرديش ۾ سرن ڳوٺ جي رهواسڻ موهاني جي شادي ڦولن پور جي ببلو سان رٿيل هئي، ببلو ڄڃ وٺي موهاني جي گهر پهتو ته حيات ننگر جو رهواسي اجيت به شادي ڪرڻ لاءِ ڄڃ وٺي پهچي ويو، اجيت ۽ موهاني جي اڳ۾ ئي دوستي هئي پرڪنوار جي مائٽن انڪار ڪري سندس ببلو سان شادي طئي ڪئي، موهاني جي شادي وارو اطلاع ملڻ تي اجيت به ڄڃ وٺي پهچي ويو جنهن سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ڪنوار پهرين ببلو کي هار پارايو، بعد ۾ ببلو سندس شادي اجيت سان ڪرائي کيس خوشي سان رخصت ڪيو، ڌرين ۾ چڪتاڻ واري اطلاع تي پوليس پهچي ڪنوار جي والد ۽ چاچي کي گرفتار ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔