سنڌ ۾ ايس آءِ ڊي سي ايل نه ٺاهيو، ايسٽ انڊيا ڪمپني برداشت نه ڪنداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ ۾ ايس آءِ ڊي سي ايل نه ٺاهيو، ايسٽ انڊيا ڪمپني برداشت نه ڪنداسين، وفاقي سرڪار نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ جا خدشا نظرانداز ڪري ڇڏيا، وفاقي سرڪار نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ جا خدشا نظرانداز ڪري ڇڏيا، سنڌ سرڪار جون بجيٽ ۾ نين اسڪيمز لاءِ تجويزون رد ڪيون ويون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ بند ڪيو وڃي، وفاق کي ڪيترائي ڀيرا خط لکيا ۽ چيو ته لڳي ٿو اسان ٻوڙن کي خط لکي رهيا آهيون، پهرين به کوڙ خط لکيا، پر ڪا موٽ نه ملي، هاڻي خط لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، هن چيو آهي ته وفاقي وزير چوندو آهي ته آئون ڪراچي اچان ٿو فلاڻي هنڌ ملو، مون چيو ته روڊ ٺاهيو، توهان جو مهانڊو ڏسڻ جو شوق ناهي، وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ 11 اسڪيمز تجويز ڪيون، پر ڏيڍ ارب رُپين جون ساڳيون 2 اسڪيمز رکيون ويون، پنجاب جون اسڪيمز 14 مان وڌائي 18 ڪيون ويون ۽ بلوچستان لاءِ به 800 ملين جون اسڪيمز وڌايون ويون، اين ايڇ اي ۾ به سنڌ جي ڪابه اسڪيم ناهي، جيڪڏهن پيسا گهڻا آهن ته صوبن کي ڏيو، پر چيو پيو وڃي ته سنڌ جي ماڻهن کي ڏينداسين ، سنڌ حڪومت کي نه ڏينداسين، هي اصول صرف سنڌ لاءِ آهي. وڏي وزير چيو آهي ته هي پاڻ چوندا هئا ته ٻه نه هڪ پاڪستان، ڇا هي هڪ پاڪستان آهي، چون ٿا ته هڪ پائي به نه ڏينداسين ۽ ڳالهيون ڪيون ويون ته سنڌ کي 90 ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون، ٽي وي تي ڳالهائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، دستاويز ۾ شامل ڪرڻ سان حقيقتن جي خبر پوندي، هن چيو آهي ته يونين ڪونسل سطح تي وفاقي حڪومت جي اسڪيمز لاءِ 9 ارب مان 5 سئو ملين جاري ڪيا، نالن جي صفائي جي فنڊ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، پي ايس ڊي پي ۾ نظر نه آئي، وزيراعظم جي نالي سان يونين ڪونسل سطح جي اسڪيم سنڌ کي ڏنيون ويون، وڏي وزير چيو ته اقتصادي ڪونسل اجلاس ۾ ڪنهن جي منهن مان نڪري ويو ته ايم پي ايز ، ايم اين ايز کي راضي ڪرڻو آهي، چيو ته مجبور آهيون، اسيمبلي ميمبرز دٻاءُ وجهي اسڪيم کڻي ٿا وڃن، وڏي وزير چيو آهي ته ڇا هي بجيٽ پاس ڪرائڻ جي فڪر مندي آهي، سدرن پنجاب وارا بجيٽ ۾ هن کي ووٽ ڏين ان ڪري اسڪيمزڏنيون ويون، يزمان ۾ جنازي گاهه جي چئوديواري جي اسڪيم وفاقي بجيٽ ۾ شامل آهي، گجرات وارا ووٽ نه ڏيندا ان لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ اتان جي لاءِ ننڍيون اسڪيمز شامل ڪيو ويون آهن، وڏي وزير جو چوڻ هو ته اهو چيو ويو ته وفاق جي پيسي تي سمڌ حڪومت کي چوڌراهٽ ڪرڻ نه ڏينداسين، ٿورو سوچيو ته هي ڇا چئي رهيا آهن ۽ ڪهڙي زبان استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ مان ئي وفاق کي 70 سيڪڙو ٽيڪس ويندو آهي. هن چيو آهي ته يوسي ۾ وزيراعظم سڌي ريت ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو غلط آهي، يوسي ۾ روڊ ۽ سيوريج جو ڪم وزيراعظم جي فنڊ سان ڇو ٿيو آهي. مراد علي شاهه پرڏيهي ڪمپني ايس آءِ ڊي سي ايل جي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪندي چيو ته ايس آءِ ڊي سي ايل کي اسان برداشت نه ڪنداسين، هي ايسٽ انڊيا جي ڪمپني اسان کي منظور نه آهي، توهان ٻه پاڪستان نه ٺاهيون، اسان هن جي خلاف مزاحمت ڪنداسين، سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني نه ٺاهي وڃي، هي اسان برداشت نه ڪنداسين..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔