آواز جي رفتار کان به تيز جهاز متعارف

نيويارڪ : بوم سپر سانڪ دنيا جي تيز ترين مسافر جهاز کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پهرين اڳڀرائي ڪندي پنهنجو پروٽوٽائيپ جهاز ايڪس بي 1 پيش ڪري ڇڏيو. ڪمپني جي سي اي او بليڪ شڪول ٻڌايو ته اسان سپرسونگ مستقبل ڏانهن وڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڄ اسان هوائي سفر جي نئين دور لاءِ گڏ ٿيا آهيون.ايڪس بي 1 ۾ 3 اليڪٽرڪ انجڻ استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي 12 هزار پونڊ ٿرسٽ فراهم ڪن ٿا، جڏهن ته ڊگھو نڪ لينڊنگ دوران ڪاڪ پٽ کان رن وي جو منظر لڪائي ٿو، پر ڪيمرا ان جي کوٽ پوري ڪري ٿي.بليڪ شڪول ٻڌايو ته ان جهاز کي سپرسونڪ ڪارڪردگي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي.ڪمپني جو اصل مقصد ڪمرشل سپر سونڪ اڏامن کي بحال ڪرڻ آهي .اهو جهاز آواز جي رفتار کان ٻه ڀيرا تيزي سان اڏي سگھندو جنهن سان لنڊن ۽ نيويارڪ وچ ۾ مفاصلو رڳو 3 ڪلاڪ 15 منٽن ۾ طئي ٿي سگهندو، جيڪو عام اڏامن ۾ 14 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو آهي.سولن لفظن ۾ لاهور کان ڪراچي رڳو اڌ ڪلاڪ کان به اڳ ۾ پهچي سگھبو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔