سعودي عرب ۾ انٽرنيشنل ايگل فيسٽيول شروع ٿي ويو

رياض: سعودي عرب ۾ انٽرنيشنل ايگل فيسٽيول شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ عرب ملڪن کان مختلف قسمن جي عقابن جي افزائش ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي خريد ۽ وڪرو پڻ ڪيو پيو وڃي. سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن کان عقابن کي سعودي گادي واري هنڌ رياض ۾ ايگل فيسٽيول ۾ آندو ويو آهي. مختلف قسم جا عقاب ڌيان جو مرڪز آهن. سعودي فالڪن ڪلب جو چوڻ آهي ته هن فيسٽيول سبب پوري خطي ۾ عقابن جي بهترين نسلن جي افزائش جو رجحان وڌندو سعودي فالڪن ڪلب آڪٽوبر 2020 دوران عقابن جي خاص نيلامي جو پروگرام پيش ڪيو هو، جيڪو بي حد ڪامياب ٿيو، ان ۾ 102 عقاب 10 ملين ريال تائين وڪرو ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔