سني ليون غريبن جي مدد لاءِ نڪري پئي

ممبئي : بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سني ليون ڪورونا دوران غريبن جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي وئي.
ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي خطرناڪ لهر جاري آهي، جنهن دوران ڪيتريون ئي شوبز شخصيتون غريبن جي مدد ڪري رهيون آهن، جن ۾ اداڪار سلمان خان، اڪشي ڪمار، اجي ديوگن، سونو سود ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته هاڻ سني ليون به غريبن جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي وئي آهي.
سني ليون پنهنجي مڙس ڊينيئل ويبر سان گڏ کاڌي ۽ ميون سان ڀريل ٽرڪ ضرورتمندن ۾ ورهائي، هن ممبئي جي علائقي باندرا ۾ غريبن ۾ فوڊ پيڪيٽ ۽ ميوا ورهايا، ان دوران اداڪارا ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ سيلفيون پڻ ڪڍرايون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔