شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجو هدف ٻڌائي ڇڏيو

ابو ظهبي: پاڪستان سپر ليگ جي هلندڙ سيزن ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجو هدف ٻڌائيندي چيو آهي ته مان پي ايس ايل 6 ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر جو اعزاز ماڻڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ مان سخت محنت ڪئي آهي.
ڊوميسٽڪ سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي سان ڌيان ڇڪائيندڙ لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پي ايس ايل جي شروعاتي ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، اهو ئي سبب آهي جو کيس زمبابوي خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم ۾ به جاءِ ملي پر هن کي موقعو نه ملي سگهيو.
هاڻ ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي کيس ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو آهي، جتي پاڪستان کي ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ميچون کيڏڻيون آهن.
پي ايس ايل جي رهيل ميچن لاءِ ابوظهبي ۾ موجود شاهنواز ڏاهاڻي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته ليگ جو ٽاپ بالر بڻجڻ ٽارگيٽ آهي، جتان راند ڇڏي هئي اتان ئي شروع ڪندس ۽ ان لاءِ سخت محنت ڪئي آهي.
هن چيو ته ڪوشش هوندي ٽيم لاءِ بهتر کان بهتر پرفارم ڪيان، ابو ظهبي جي ڪنڊيشن ڪجهه مختلف آهي، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ۽ ڪنڊيشن موجب ئي بالنگ ڪندس.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ويسٽ انڊيز دوري لاءِ چونڊجڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، زمبابوي جي دوري دوران ٽيم سان گڏ هيس ۽ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، مون کي اڃا گهڻو ڪجهه سکڻو آهي، ويسٽ انڊيز دورو جو فائديمند ثابت ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔