پهريون ڀيرو حراسان ڪرڻ دوران مون کي صبا قمر بچايو هو: مهر بانو

لاهور: پاڪستاني اداڪاره مهربانو انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن مون کي پهريون ڀيرو حراسان ڪيو ويو ته مون کي صبا قمر بچايو هو. رپورٽ موجب هڪ ويب چينل کي انٽرويو ڏيندي مهربانو سيٽ تي ٿيندڙ جنسي حراسمينٽ بابت ڳالهيون ڪيون ۽ ان دوران شوٽنگ حراسمينٽ جي تجربي تي به ڳالهايو.هن ٻڌايو ته شوٽنگ دوران مون کي سيٽ تي مائيڪ واري طرفان حراسان ڪيو ويو. ان وقت منهنجي عمر ننڍي هئي ان ڪري مان سمجهي نه سگهي هيس ته هي ڇا ٿي رهيو آهي بس مان حيران هئس. اداڪاره چيو ته صبا به ان وقت سيٽ تي موجود هئي. اها ڳالهه صبا کي ٻڌائي ته هن منهنجي لاءِ آواز اٿاري ۽ مائيڪ واري کي شوٽنگ مان ئي ڪڍرائي ڇڏيو.هن وڌيڪ چيو ته مون کي ياد آهي هي اهو واحد لمحو هو جڏهن ڪنهن ساٿي اداڪار مون کي تحفظ ڏنو ۽ منهنجي لاءِ مضبوط اسٽينڊ ورتو هو. ان لمحي مون کي ڪجهه ه سمجهه ۾ نه آيو ته مون کي شعور جي ضرورت آهي جنهن سان مون کي خبر پئجي سگهي ته مون سان ۽ منهنجي دوستن سان ڇا ٿي رهيو آهي ته جيئن مان آواز اٿاري سگهان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔