دبئي سفري پابندين جو نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو، پاڪستان تي پابندي برقرار

ابوظهبي: ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ دبئي ايوي ايشن پاڪستاني مسافرن سميت 7 ملڪن تي پابندي برقرار رکي آهي.رپورٽ موجب دبئي سول ايوي ايشن اختيارين سفري پابندين جو نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني مسافرن سميت 7 ملڪن تي پابندي برقرار رکي وئي آهي. پابندي وارن ملڪن ۾ پاڪستان کان علاوه ڀارت، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا، نائيجيريا ۽ ڏکڻ آفريقا شامل آهن.نئين هدايت نامي ۾ سمورين ايئرلائنز کي لاڳاپيل ملڪن مان ايندڙ مسافرن کي بورڊنگ جاري ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته گذريل 14 ڏينهن دوران ان ملڪن مان يا ان ملڪن جو سفر ڪندڙ مسافرن کي دبئي جي لاءِ يا ٽرانزٽ جي لاءِ بورڊنگ ڪارڊ جاري نه ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔