افغانستان ۾ بم ڌماڪن ۽ چيڪ پوسٽ تي حملي دوران اٺ ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغانستان ۾ چيڪ پوسٽ تي طالبان جي حملي ۽ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪارن سميت 8 ڄڻا مارجي ويا.افغان ميڊيا موجب صوبي بيرات جي ضلعي فارسي ۾ چيڪ پوسٽ تي طالبان جي حملي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 21 طالبان مارجي ويا. ٻئي طرف ڪابل ۾ 2 بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا. ۽ 9 زخمي ٿي پيا.پهريون بم ڌماڪو چهار قلا ۾ مسافر ڪار جي ويجهو ٿيو جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته 4 ڪلاڪن کان پوءِ ٻيون ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ڪار استعمال ڪئي وئي ۽ مسافر گاڏي کي نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.افغان سيڪيورٽي اختيارين موجب اڃان تائين بم ڌماڪن جي ذميواري ڪنهن به گروپ قبول نه ڪئي آهي پر جاچ جاري آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 12 زخمي ٿي پيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔