اعظم خان قومي ٽيم ۾ شموليت جي خبر ٻڌي حيران ٿي ويو

لاهور: اڳوڻي ڪپتان معين خان جي پٽ اعظم خان قومي ٽيم ۾ پنهنجي شموليت جي خبر ٻڌي حيران ٿي ويو آهي.نوجوان رانديگر اعظم خان چيو آهي ته مان ناشتو ڪري رهيو هئس ته قومي ٽيم ۾ شموليت جي باي ۾ خبر پئي ته حيران رهجي ويس. يقين ئي نه پئي آيو. والد معين خان سان مليس ته جذباتي منظر هو. هن چيو ته ٻن سالن کان محنت ڪري رهيو هئس پر اميد نه هئي ته ايترو جلدي قومي ٽيم ۾ چونڊ ٿي ويندي.منهنجي هن ڪاميابي ۾ ڪوچ اعظم خان جو وڏو هٿ آهي. اعظم خان چيو ته ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر وڏي مدد ڪئي. سرفراز احمد منهنجي صلاحيتن تي ڀروسو ڪندي سٺي نمبر تي بيٽنگ جو موقعو ڏنو ۽ ان جي حوصلي ڏيڻ سان پرفارمنس بهتر ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔