ٽوئٽر پنهنجي پهرين سبسڪرپشن سروس متعارف ڪرائي ڇڏي

لنڊن: مائيڪرو بلاگنگ ويب سائٽ ٽوئٽر پنهنجي پهرين سبسڪرپشن سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ٽوئٽر جي پهرين سبسڪرپشن سروس کي بليو جو نالو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته نئين فيچر کي شروعاتي طور تي ڪينيڊا ۽ آسٽريليا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي. اهو فيچر صارفين کي ٽوئٽ ڪرڻ کان اڳ ٽوئٽ ۾ ترميم ڪرڻ سان گڏوگڏ ايپ جو ڪلر ۽ ٿهيم کي به تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏيندو. ٽوئٽر بليو اصل ۾ سوشل ميڊيا ڪمپني جي پهرين سبسڪرپشن سروس آهي جيڪو ٽوئٽر جي پليٽ فارم تي روينيو جي نئين ذريعن جي حاصل ۽ اشتهارن جي وڪرو کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو.هن نئين فيچر جي ذريعي ٽوئٽر جا اهي صارفين جيڪي ٽوئٽ ۾ نائپوز کي صحيح ڪرڻ جي لاءِ ايڊٽ جو بٽڻ استعمال ڪندا آهن اهي هاڻ هن فيچر جي ذريعي ڪجهه سيڪنڊز يا منٽ جو وقت سيٽ ڪري ٽوئٽ کي پوسٽ کان اڳ ان ڊو ڪري سگهندا.نئين فيچر ۾ نوان بڪ مارڪ فولڊر به شامل ڪيا ويا آهن. جنهن جي تحت صارفين محفوظ ٽوئٽس کي وڌيڪ منظم ڪري سگهندا ته جيئن انهن کي وقت تي آساني سان ڳولي سگهبو. ٽوئٽر بليو ۾ ريڊر موڊ کي به شامل ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت مختلف ۽ ڊگهي ٽوئٽس کي پڙهڻ ۾ آساني ٿيندي. آسٽريليا ۽ ڪينيڊا ۾ هن فيچر جي قيمت ماهوار 3.49 سي اي ڊي ۽ آمريڪا ۾ 2.99 ڊالر هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔