اڳوڻو وفاقي وزير ظفرعلي لغاري لاڏاڻو ڪري ويو

سيتاروڊ : پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير ظفر علي لغاري ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، اڳوڻي ايم اين اي عمران لغاري پاران والد جي فوتگي جي تصديق ڪئي وئي، ٽائيم نيوز سان ڳالهايندي عمران ظفر لغاري ٻڌايو ته ڪجھه ڏينهن کان سندس پيءُ جي طبيعت خراب هئي، ظفر علي خان لغاري 1967ع کان پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست جي باقاعده شروعات ڪئي ۽ آخر تائين پ پ پ سان ئي لاڳاپيل رهيو، ظفر علي خان لغاري 1970ع ڌاري ٽائون ڪاميٽي سيتاروڊ جو چيئرمين بڻيو،1983ع ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندس ڪردار نمايان هجڻ تي پارٽي 1985ع ۾ ظفر علي خان لغاري کي دادو ضلع جو صدر مقر ڪيو، ظفر علي خان لغاري 1988ع ۾ ريلوي جو وفاقي وزير، 1991ع ۾ نگران حڪومت دوران صنعت جو صوبائي وزير ۽ 1994ع ۾ آبپاشي ۽ بجلي جو صوبائي وزير مقرر ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔