ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف پاران ڏنل سوا ارب ڊالر ڪٿي خرچ ٿيا: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کان سوال ڪيو آهي ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف پاران ڏنل سوا ارب ڊالر ڪٿي خرڇ ٿيا؟

بلاول چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر جي امداد ڪيڏانهن وئي؟ عمران خان ٻڌائي عالمي بينڪ جا 200 ملين ڊالر ڪٿي خرچ ڪيا ويا. پ پ چيئرمين سوال ڪيو ته وزيراعظم ڪورونا ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرايل رقم ڪٿي خرچ ٿي.

وزيراعظم فنڊز ۾ ڪيل غبن کي لڪائڻ لاءِ آڊيٽر جنرل جي رپورٽ کي به روڪي رکيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ڪورونا جي مالياتي پيڪيج ۾ غبن تي قوم عمران خان کي معاف نه ڪندي. تحريڪ انصاف جي حڪومت آڊيٽر جنرل رپورٽ ۾ هيرا ڦيري جي ڪوشش بند ڪري. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت آڊيٽر جنرل واري رپورٽ جاري ڪري. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔