سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ معاشي بحالي جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن: اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته هلندڙ سال جي ٻين ٽن مهينن ۾ معاشي بحالي جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، زرعي، صنعتي ۽ خدمتن جا شعبا ترقي ڏيکاري رهيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ سال 2021 جي ٻين ٽن مهينن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب مهانگائي 7 کان 9 سيڪڙو رهڻ جا اندازا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪامياب ويڪسينيشن مهم معاشي بحالي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي، ڪورونا جي هاڻوڪي لهر ۾ لاڪ ڊائون جي ضرورت ناهي رهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال ناڻي جي پهچ 26.5 ارب کان 27.5 ارب ڊالر رهڻ جو امڪان آهي، مالي سال 22 کان سالياني امپورٽ 47 کان 48 ارب ڊالر هوندي، ايندڙ مالي سال کان بجيٽ خسارو جي ڊي پي شرح سان 6.5 کان 7.5 سيڪڙو رهندو. رپورٽ ۾ چيو ويوآهي ته ڪاروباري اعتماد وڌي رهيو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام ٻاهرين فنانسنگ جا واڌو موقعا پيدا ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔